دير ڌڻيءَ جو ميلو

دير ڌڻيءَ جو ميلو: دير ڌڻيءَ جو ميلو هر سال ڳوٺ سيرائي، ضلعي جيڪب آباد ۾ 9، 10 ۽ 11 شوال تي وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال جو وڪرو، ڀلن ڍڳن ۽ گھوڙن جا انعامي مقابلا ۽ شاندار ملاکڙو به ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا مشهور ملهه پهلوان حصو وٺندا آهن. هن ميلي ۾ مختلف شين جا دڪان سينگاريا ويندا آهن. انهن دڪانن تي کاڌي پيتي جي شين ۽ ننڍن توڙي وڏن جي دلچسپي ۽ ضرورت جي سامان سان گڏ رانديڪا پڻ رکيا ويندا آهن. ان کانسواءِ هن ميلي ۾ ٿيئٽر پڻ لڳندا آهن، جنهن ۾ مختلف فنڪار شريڪ ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ صوفي ڪلام به ڳايا ويندا آهن ۽ هن ميلي جي اختتام تي لنگر پڻ ورهايو ويندو آهي.


لفظ دير ڌڻيءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو